عبادت گاھن تي حملا۔

Khanesh Rathi

22 اپریل 2019



اڄڪلھ انتاهپسندن جي طرفان مذهبي جاين تي حملا ڪرڻ عام ۽ آسان ٿي ويو آھي۔ سائوٿ ايشياء ٽيررزم پورٽل طرفان شايع ٿيل رپورٽ مطابق پاڪستان۾ 2002 کان 2015 جي درميان مسجدن, امام بارگاهن, مندرن ۽ ٻين عبادت گاھن تي 101 حملا ٿيا هئا جنهن ۾ 1366 عبادت ڪندڙ مارجي ۽ 2748 زخمي ٿيا هئا۔

سريلنڪا ۾ ب هڪ ڀيڙو ٻيهر عبادگاهون ۽ هوٽلون دهستگردن جي نشاني تي آھن۔ جيئن مئي 2009 ۾ جنگ ختم ٿيڻ کانپوء ھيون۔ گذريل آچر تي سريلنڪا جي گادي واري هند ڪولمبو ۾ 8 بم ڌماڪا ,3 چرچن تي، 3 ھوٽلن ۽ 2 شھر کان ٿوري مفاصلي تي ٿيا۔جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي آھن۔

گذريل مهيني نيوزيلينڊ جي شھر ڪرائيسٽ چرچ ۾ ب مسجدن تي حملن ۾ 50 ماڻهو شھيد ٿيا، ساڳئي ريت 2017 ۾ ٽيڪساس جي هڪ چرچ ۾ دھشتگرد حملي ۾ 26 ماڻهو شھيد ٿيا۔ 2015 ۾سائوٿ ڪارولينا جي قديمي ڪاري چرچ ۾ 9 ماڻھو شھيد ٿيا ۽ اھا فرست تمام ڊگهي آھي۔

عبادت جي جاين تي حملن واري مسئلي تي عالمي رھنمائن جي جلد اک ڪڍڻ جي ضرورت آھي۔ اڄڪلھ جيڪي مسئلا عالمي دنيا جي نظر ھيٺ آھن، جھڙوڪ: موسم جي تبديلي، ھٿيارن جي روڪٿام ۽ ٻين کان وڌيڪ ماڻھو ھن مسئلي جي ڪري ڀوڳين ٿا ۽ سڄي دنيا ۾ ڊپ ۽ حراس جو ماحول پيدا ٿيندو پيو وڃي۔ عالمي رھنمائن ۽ دنيا جي سڀني مذھبن جي ماڻھن کي ھڪ ٿي ھن مسئلي تي ڳور ڪرڻو پوندو جيئن ھن مسئلي کي جلد از جلد ختم ڪيو وڃي ۽ پاڪ ۽ مقدس جاين سان گڏوگڏ سجي دنيا کي محفوظ بڻايو وڃي۔ اسان کي پنھنجي لا۽ ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن لا۽ ھن دنيا کي محفوظ ۽ ھن مذھبي جنگ کان پاڪ ڪرڻو پوندو۔

 89